مبارڪپور(ن سنڌ يار) مبارڪپور ڀرسان ميان صاحب ٿاڻي جي حد ڳوٺ هاشم ڪيهر ۾ 35 ورهين جو نوجوان منظور پٽ مبارڪ ڪيهر غربت ۽ وياجن کان تنگ اچي ڪري پاڻ مٿان پسٽل جا فائر ڪري خودڪشي ڪري پنهنجي زندگي جو ڏيئو اجهائي ڇڏيو.هوڏانهن رابطو ڪرڻ تي ميان صاحب پوليس ٻڌايو ته نوجوان ڪجھ وقت اڳ وياجي کان پئسا ورتا هئا جيڪو غربت سبب نه پئي ڏئي سگهيو، وياجين جي تنگ ڪرڻ بعد نوجوان اهڙو قدم کنيو آھي، وڌيڪ اسان جاچ ڪري رهيا آھيون.










