وئڪسين ۾ وفاق رڪاوٽون پيداڪري  رهيو آهي،مراد شاهه

وئڪسين ۾ وفاق رڪاوٽون پيداڪري رهيو آهي،مراد شاهه

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)ڪراچي ڊائو يونيورسٽي اوجها ڪئمپس ۾ ڪورونا وئڪسين مهم جو آغاز ڪيو ويو سنڌ ۾ 14 سينٽر قائم ڪيا ويا آھن ۽ ڪراچي جي ڇهن ضلعن لاءِ 9 سينٽر قائم ڪيا ويا آھن.ان موقعي تي سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته ويڪسن بعد ماسڪ پائڻ ضروري آهي، سنڌ جي پهرين عورت ڊاڪٽر انيلا آهي جنهن کي وئڪسين لڳائي وئي آهي، اڄوڪو تاريخي ڏينهن آهي چين سرڪار جا شڪر گذار آھيون جن ڏکئي وقت ۾ مدد ڪئي ۽ پنج لک وئڪسين ڊوز ڏنا.هن وڌيڪ چيو ته ڪورونا اهو مرض آهي جيڪو ماڻهوءَ جي پنهنجي هٿ وس ۾ آهي عوام کي هن سلسلي ۾ وڌ کان وڌ احتياط ڪرڻ گهرجي، جنهن مريض کي اينٽي باڊيز آهن ان کي وئڪسن نه لڳائڻ گهرجي، هن چيو ته وئڪسن جا معاملا وفاقي حڪومت ڏسي پئي، وئڪسن جون هن مهل تائين 83000 خوراڪون وصول ٿيون آهن، وئڪسن جي معاملي ۾ شفافيت کي يقيني بڻايو وڃي.مراد علي شاهه شاهه چيو ته وفاق پاران سنڌ لاءِ رڪاوٽون وڌيون پيون وڃن، سنڌ جي خواهش آهي ته چين کان سڌيءَ ريت وئڪسن ورتي وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو