پي ڊي ايم جو مقصد موجوده حڪومت کي ناڪام ڪرڻ آھي،ڪائرا

پي ڊي ايم جو مقصد موجوده حڪومت کي ناڪام ڪرڻ آھي،ڪائرا

سکر(جئيرام داس ) سکر پي پي اڳواڻ قمر زمان ڪائره جي احتساب عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سينٽ جي چونڊن کي خريد ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آھي اسان سينٽ چونڊن ۾ حصو ضرور وٺنداسين ، پي ڊي ايم جو مقصد موجوده حڪومت کي ناڪام ڪرڻ آھي ،  پي پي غريبن جي حقن جي ڳالهه ڪندي آھي ، عوام جي حقن لاء وڙھندارھنداسين ،قمرزمان ڪائرا جو چوڻ ھو ته خورشيد شاھ کي جنھن ڪيس ۾ گرفتار ڪيو ويو آھي ، ان ڪيس کي ڄاڻي واڻي آھستا ھلايو پيو وڄي ھن چيو ته خورشيد شاھ تي ريفرنس داخل ٿيڻ باوجود جيل ڪسٽڊي ۾ رکيو ويو آھي ، خورشيد شاھ سنڌ جو ن پاڪستان جو ليڊر آهي ، ھن چيو ته خورشيد شاھ ڪيس ۾ نامزد 13 ڄڻن کي آزاد ڪيو ويو آھي ، 13 ڄڻن کي ڏيڊ سال تنگ ڪيو ويو انھن جو ازالو ڪير ڪندو هن وڏيڪ چيو ته ھڪ سازش جي تحت خورشيد شاھ کي ڦاسايو ويو آھي ،خورشيد شاھ خلاف به ڪو ثبوت ثابت نه ٿيو خورشيد شاھ ب باعزت آزاد ٿيندو،ھڻ چيو ته پي ڊي ايم 6 نقطا سامھون آندا آھن ، حڪومت خلاف لانگ مارچ ، جلسا ، احتجاج، عدم اعتماد جي رٿ  ضرورت پوڻ تي اسٽيفائون ڏنيو وينديو ، اسان پي ڏي ايم جي ھر موقف تي قائم آھيون

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو