دبئي (ويب ديسڪ) گڏيل عرب امارات پاران غير عربن کي شهريت ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي. اهڙو اعلان امارات جي امير شيخ راشد المڪتوم ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ ڪيو آهي. هن چيو ته قانون ۾ ترميم ڪئي پئي وڃي ۽ جلد سائنسدانن، سرمائيڪارن، ڊاڪٽرز، انجنيئرز، هاءِ پروفيشنل، فنڪار، اعليٰ صلاحيتن وارن ماڻهن، دانشورن ۽ ليکڪن کي به شهريت ڏني ويندي ۽ هو پنهنجي اصل ملڪ جي شهريت به رکي سگهندا.
يو اي اِي جي ڪابينا، عدالتون ۽ مڪاني ڪائونسلز جي سفارش تي شهريت ڏني ويندي. ياد رهي ته اهو پهريون ڀيرو آهي ته يو اي اي شهريت ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي اڳ ۾ ٻن يا ٽن سالن جي اقامي تي ماڻهو رهندا هئا. خام تيل جي صنعت تي هلندڙ هي ننڍڙو عرب ملڪ ڪورونا ۽ معاشي سرگرميون گهٽجڻ سبب ڪافي متاثر ٿيو آهي. يو اي اي 2019 ۾ 10 سالن جي گولڊن ويزا پروگرام به شروع ڪيو هو. ياد رهي ته 10 لک کان مٿي پاڪستاني يو اي اي ۾ رهن ٿا.










