مولانا جو زرداري سان رابطو،حڪومت خلاف تحريڪ تيز ڪرڻ تي اتفاق

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پي ڊي ايم جي سربراهه مولانا فضل الرحمان اڳوڻي صدر آصف علي زرداري سان ٽيليفون تي رابطو ڪيو جنهن جي دوران حڪومت مخالف تحريڪ ۾ تيزي آڻڻ تي اتفاق ڪيو ويو.مولانا فضل الرحمان ۽ آصف زرداري ۾ ٿيندڙ ڳالهه ٻولهه ۾ ملڪي سياسي صورتحال تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ٻنهي اڳواڻن پنج فيبروري تي پي ڊي ايم جي جلسي بابت به صلاح مشورا ڪيا.واضح رهي ته پي ڊي ايم 5 فيبروري  وارو جلسو راولپنڊي ۾ ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو پر  هاڻ جلسي جو هنڌ تبديل ڪيو ويو آهي.پي ڊيم ايم جو جلسو راولپنڊي جي بجاءِ هاڻ آزاد ڪشمير جي گادي واري شهر مظفر آباد ۾ منعقد ڪيو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو