حڪومت اسلام آباد ڪلب کي گروي رکڻ جي منظوري ڏيئي ڇڏي

حڪومت اسلام آباد ڪلب کي گروي رکڻ جي منظوري ڏيئي ڇڏي

اسلام آباد (رپورٽ الله وسايو گهوٽو) وفاقي ڪابينه براڊ شيٽ جاچ جي لاءِ انڪوائري ڪميشن جوڙڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينه جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ وفاقي ڪابينه براڊ شيٽ جاچ جي لاءِ انڪوائري ڪميشن جوڙڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي جنهن جو سربراهه جسٽس(ر) عظمت سعيد هوندو. هڪ رڪني براڊشيٽ ڪميشن صرف جسٽس(ر) عظمت سعيد تي ٻڌل هوندو ۽ ڪميشن آف انڪوائري ايڪٽ 2017 جي تحت جوڙيو ويندو. ڪميشن نه صرف براڊ شيٽ  واري معاملي جي جامع جاچ ڪندو پر حديبيه پيپر ملز ۽ سري محل جي به جاچ ڪندو.ڪابينه اجلاس ۾ ملڪ جي سياسي ۽ معاشي صورتحال تي غور ڪيو ويو ۽ ايف نائن پارڪ اسلام آباد جي عيوض سڪوڪ بانڊز جاري ڪرڻ لاءِ ناڻي واري وزارت جي سمري تي به بحث ٿيندي. پر ڪابينه ايف 9 پارڪ جي زمين جي بدلي سڪوڪ بانڊز جاري ڪرڻ جي سمري رد ڪري ڇڏي. وفاقي ڪابينه قرض لاءِ بطور ضمانت ايف نائن پارڪ جي بجاءِ اسلام آباد ڪلب کي گروي رکڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. ذريعن موجب وفاقي ڪابينه ۾ هڪ ميمبر طنزيه تجويز  ڏني  ايوان صدر ۾ ڇا ٿيندو آهي؟ ان کي گروي رکي ڇڏيو.وزيراعظم عمران خان ايف نائن پارڪ کي گروي رکڻ جي مخالفت ڪندي سيڪريٽري فنانس کي چيو ته عوام لاءِ ٺاهيل ايف 9 پارڪ گروي رکڻ جي تجويز ڇو آئي؟ جنهن تي سيڪريٽري فنانس سڪوڪ بانڊز تي بريفنگ ڏيندي بڌايو ته هي اسلامي بانڊ آهي. ماضي جون غلطيون صحيح ڪرڻ لاءِ ان بانڊز کي جاري ڪرڻ جو سوچيو هي گروي رکڻ صرف علامتي طور تي آهي. عملي طور تي ان کي گروي رکڻ سان ڪوبه فرق نٿو پوي.سڪوڪ بانڊز لاءِ زمين جي ويليو به ڏسڻي پوندي آهي. جنهن تي وزيراعظم عمران خان جواب ڏنو ته مون کي خبر آهي ته سڪوڪ بانڊ ڇا هوندو آهي. عوام جي استعمال ۾ پارڪ علامتي طور تي به گروي نه هجڻ گهرجي. ان سان غلط تاثر ويو، جيڪڏهن هي عملي طور تي گروي رکڻو نه هجي ها ته وزيراعظم هائوس کي گروي رکي ڇڏيون ها. عوام جي لاءِ ٺاهيل پارڪ گروي نه رکيو وڃي.هڪ وفاقي وزير طنزيه چيو ته جيڪڏهن علامتي ئي هو ته پوءِ صدر هائوس رکي ڇڏيو ها. ان کان علاوه اجلاس ۾ بچاءُ واري وزارت ڪنٽونمنٽ بورڊز ۾ بلدياتي چونڊون ڪرائڻ جي سمري واپس وٺي ڇڏي.

پهنجو تبصرو موڪليو