ڪابينه پاران برسات متاثرين لاءِ چار ارب کان وڌيڪ امداد منظور

ڪابينه پاران برسات متاثرين لاءِ چار ارب کان وڌيڪ امداد منظور

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ ڪابينه برسات متاثرين جي لاءِ 4 ارب 2 ڪروڙ 11 لک 5 هزار روپيه امداد جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ صوبائي ڪابينه جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ صوبائي وزيرن، صلاحڪارن ۽ چيف سيڪريٽرين به شرڪت ڪئي. مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ اجلاس ۾ متاثرين کي رقم موبائيل بينڪنگ جي ذريعي ڏيڻ جي به منظوري ڏني وئي آهي. سنڌ ڪابينه اجلاس ۾ رقم جي ادائيگي جي لاءِ 3 ميمبرن تي ٻڌل ڪميٽي به قائم ڪئي وئي. ڪميٽي ۾ سينئر ميمبر بورڊ آف روينيو، سيڪريٽري فنانس، سيڪريٽري جنرل ايڊمنسٽريشن شامل آهن.ڪميٽي کي موبائل بينڪنگ سان گڏ  گفٽ ۽ روڪ رقم ورهائڻ جو ڪم ڏنو ويو آهي. ان حوالي سان سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه روينيو کاتي کي هدايتون جاري ڪيون آهن ته 15 ڏينهن ۾ ٻوڏ متاثرين کي رقم جي ادائيگي شروع ٿيڻ گهرجي. سنڌ ڪابينه جي اجلاس ۾ ٿرپارڪر ضلعي ۾ اينٽي انڪروچمينٽ پوليس اسٽيشن قائم ڪرڻ جي منظوري به ڏني وئي.صوبائي ڪابينه پوليس اسٽيشن قائم ڪرڻ جي لاءِ 3.2 ملين روپيه رقم جي به منظوري ڏني آهي. رقم مان هڪ پڪ اپ، هڪ موٽر سائيڪل ۽ فرنيچر خريد ڪيو ويندو. سنڌ ڪابينه جي اجلاس ۾ ووليشن اربن امپروايبل پراپرٽي کي هڪ جهڙو بنائڻ تي به غور ڪيو ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو