رقم ڦٻائڻ لاءِ ڊرامو ڪندڙ جي گهر مان 17 لک 50 هزار هٿ ،پوليس

ملير(رپورٽ شهزادو مستوئي) ملير گلشن حديد جي  رهواسي پاران مددگار پوليس کي ڦر جو ڪوڙي اطلاع ڏيڻ تي پوليس پهچي جاچ  ڪئي ۽ اطلاع ڏيندڙ جي گهر مان 17 لک 50 هزار رپيا رقم هٿ ڪئي رقم ڪنهن نجي ڪمپني جي ٻڌائي پئي وڃي رقم ڦٻائڻ لاءِ جوابدار اهڙو ڊرامو رچايو ڪمپني انتظاميا جي فرياد تي شهري کي  گرفتار ڪري مٿس ڪيس داخل ڪيو ويو آهي ايس پي .مليرملير جي گلشن حديد جي رهواسي پرتاب نالي شخص پاران هڪ نجي ڪمپني جي رقم ڦٻائڻ لاءِ مددگار پوليس کي فون ڪري ڦر ڪوڙو اطلاع ڏنو پوليس فوري واقعي واري هنڌ پهچي وئي ڊگهي عرصي تائين جاچ پڙتال ڪرڻ بعد ڦر جو ڪوبه ڏس پتو نه مليو پوليس ڪوڙو اطلاع ڏيندڙ پرتاب جي گهر اوچتو ڇاپو هنيو ته جوابدار جي گهران 17 لک 50 هزار کان وڌيڪ رقم هٿ آئي رقم ڪنهن نجي ڪمپني جي ٻدائي پئي وڃي ڪميٽي مالڪ اظهر جي فرياد تي ڪيس داخل ڪري جاچ شروع ڪري ڇڏي ايس پي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو