ڳڙهي ياسين (ن س) سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر آغا سراج دراني چيو آهي ته سينيٽ جون چونڊون پنھنجي وقت تي ئي ٿينديون .سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر آغا سراج دراني جون ڳوٺ راڄڙ ماڇي ۾ غلام نبي سولنگي ۽ مشتاق سولنگي پاران ڏنل مانجھاندي واري تقريب کي خطابڪندي ھن چيو ته ملڪ ھلائڻ عمران خان جي وس جي ڳالھ ناھي ھن وٽ ملڪ ھلائڻ جو تجربو ئي ناھي پ پ اھا واحد پارٽي آھي جيڪا ملڪ ھلائڻ ڄاڻي ٿي ھن چيو ته پ پ ۽ عوام جو رشتو صرف ووٽ جو رشتو ناھي پ پ جو عوام سان روح جو رشتو آھي ھن چيو تازو ئي اڳوڻي صدر آصف علي زرداري سان ٿيل ملاقات ۾ ڳڙھي ياسين تعلقي جي مسئلن بابت ڳالھ ٻولھ ٿي آھي ۽ ھن چيو ته سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ ڳڙھي ياسين تعلقي لاء سولر پمپ . رورل ھيلٿ سينٽر کي اپ گريڊ ڪري تعلقه ھاسپيٽل جو درجو ڏيارڻ سميت روڊ رستن جي مرمت ڪرائڻ جو واعدو ڪيو آھي جنھن تي جلد عمل ٿيندو ھن چيو ته ڳڙھي ياسين رول ھيلٿ سينٽر ۾ ڊاڪٽرن ۽ ليڊي ڊاڪٽر جي کوٽ بابت شڪايتون مليون آھن جنھن لاء ھيلٿ جي وزير ڊاڪٽر عذرا پيچوھو سان ڳالھايو آھي گوسڙو ڊاڪٽرن خلاف سخت ڪاروائي ڪئي ويندي ھن چيو ته تعلقي اندر قبائلي تڪرار تيزي سان وڌي رھيا آھن تازو امروٽ شريف ۾ جوڻيجا دل برادري ۾ معمولي ڳالھ تان 5 ڄڻا مارجي ويا جنھن جو مون کي افسوس ٿيو ان لاء تعلقي اندر ھلندڙ سمورا قبائلي تڪرار ختم ڪرڻ لاء جھيڙيندڙ ڌرين ڏانھن جلد ميڙ منٿ قافلا وٺي وڃي ٺاھ لاء راضي ڪيو ويندو ھن چيوته پ پ پ عوامي پارٽي آھي ھميشه عوام جي خدمت ڪئي آھي اڳ جيئان ھاڻي به غريب پڙھيل لکيل نوجوانن کي ميرٽ تي نوڪريون ڏيون وينديون ان موقعي تي اڳوڻو ٽائون چيئرمين ڳڙھي ياسين آغا شجاع الدين خان دراني . سردار نثار علي ککراڻي . چاڪر خان بغدار . غضنفر ٿھيم . غلام عباس مرکياڻي سميت آپا رخسانه مرکياڻي پڻ تقرير ڪئي.










