واپارين پاران دڪانن جو ڪرايو وڌائڻ خلاف احتجاج

سکر(جئيرام داس) سکر جي واپاري برادري سکر ميونسپل ڪارپوريشن طرفان ميونسپل جي دڪانن جو مبينا طور ڪرايو وڌائڻ واري فيصلي خلاف مرحلي واري احتجاجي تحريڪ شروع ڪري ڇڏي آھي ،  سکر جي متاثر واپاري برادري  جي وڏي انگ  پورهيت اتحاد  طرفان سکر پريس ڪلب آڏو علامتي بک هڙتال ۽ ڌرڻو هنيو،  ان موقعي تي اڳواڻي ڪندڙ شمس الرحمٰن، هارون ميمڻ، محمد ياسين آرائين، جنيد شيخ، ممتاز لڪي، شهريار راجپوت عدنان ۽ ٻين جو چوڻ هو ته  سکر ميونسپل ڪارپوريشن  جي ايڊمنسٽريٽر ۽ ميونسپل ڪمشنر هڪ ڀيرو  ٻيهر عدالت کي گمراهه ڪري  واپارين   جو معاشي قتل ڪري جي سازش ڪئي آهي، جنهن کي ڪنهن به صورت قبول نه ڪنداسين، واپارين  کان مشاورت ڪرڻ  بنا  چار هزار سيڪڙو ڪرايو  وڌائي غريب ۽ پورهيت واپاري دڪاندارن جو معاشي قتل   ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي،  واپاري  برادري  چيف جسٽس آف پاڪستان، صدر ، وزير اعظم، وزير اعلي ٰ کان نوٽيس وٺڻڻ جي گهر ڪئي آھي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو