ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ٽڪ ٽاڪ گرل حريم شاهه مفتي قوي کي ٿڦڙ هڻڻ بابت واقعي جي سموري ڪهاڻي بيان ڪري ڇڏي آهي.خانگي چينل سان ڳالهيون ڪندي حريم شاهه چيو ته مفتي قوي کي ٽي وي پروگرام ۾ ڪراچي گهرايو ويو، ان جا سفري ۽ رهائشي خرچ مون برداشت ڪيا. حريم شاهه گذريل ڏينهن جي واقعي بابت ٻڌايو ته مفتي قوي کي ٿڦڙ منهنجي سئوٽ هنيو ۽ ان جي وڊيو مون ٺاهي مفتي قوي مختلف وقتن تي مون سان نازيبا گفتگو ڪندو رهندو هو پر جڏهن هن مون کي جسماني طور تي حراسان ڪيو ته کيس جوتن سان ڪٽڪو ڏنو.هن چيو ته جيڪي اهڙي قسم جا ڪم ڪندا آهن انهن کي هاڻ سمجهدار هجڻ گهرجي. ٽڪ ٽاڪ اسٽار جو چوڻ هو ته مان اهڙن ماڻهن کي بي نقاب ڪندي رهندس جيڪي منافق آهن ۽ عزتدار هجڻ جو ڪوڙو ڊرامو ڪندا آهن. حريم شاهه اعتراف ڪيو ته مان پي ٽي آءِ جي ڪارڪن آهيان ۽ ووٽ به پي ٽي آءِ کي ڏنو هو.واضح رهي ته گذريل ڏينهن مشهور عالم دين ۽ رويت هلال ڪميٽي جي اڳوڻي ميمبر مفتي عبدالقوي کي عورت طرفان ٿڦڙ هڻڻ جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي هئي. جنهن کان پوءِ حريم شاهه پنهنجي انسٽاگرام اڪائونٽ تان وڊيو شيئر ڪندي مفتي قوي کي ٿڦڙ هڻڻ جي تصديق ڪئي ۽ چيو ته هن ئي ٿڦڙ هنيو آهي ۽ ڇو هنيو آهي ان جو جواب جلد سڀني کي ملي ويندو.










