موٽر وي پوليس جي ڪارروائي منشيات هٿ هڪ ڄڻو گرفتار

سڪرنڊ(رپورٽ راج ڪمار اوڏ)  موٽر وي پوليس بيٽ 31 سڪرنڊ جي آپريشن آفيسر ارباب علي زرداري  جيڪو پنهنجي معمول جي مطابق گشت تي هو، هن ڏٺو ته  مشاخ جي ويجهو نيشنل هاءِ وي تي ڪار نمبر BHL-217 ڪرولا خطرناڪ ۽ مشڪوڪ طريقي سان ھلائڻ تي ڪار کي روڪڻ جو اشارو ڏنو پر ڪار ڊرائيور گاڏي کي نه روڪيو ۽ گاڏي  تيز رفتاريءَ سان نڪرڻ جي ڪوشش ڪئي.اھڙي طرح جو اطلاع موٽروي پوليس ڪنٽرول ۽ سڪرنڊ جي ويجھو موجود پيٽرولنگ موبائل کي ڏنو ويو، پيٽرولنگ موبائل۾ موجود پيٽرولنگ آفيسر بشارت الله ۽ پيٽرولنگ آفيسر حبيب الله ڪار کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي پر ڊرائيور ڪار کي روڪي جلد ۾ رات جي اونداهي جو فائدو وٺندي ،  ڪيلي جي باغن ۾ فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو جڏهن ته ڪار ۾ سوار ٻيو ماڻهو گرفتار ڪيو ويو، هن پنهنجو نالو ايوب بروهي ۽ مفرور ڊرائيور جو نالو نور بخش بروهي ٻڌايو آهي. تلاشي دوران مذڪورہ ڪار مان  25 ٻوريون جنهن جي ماليت تقريباً 13  لک رپيا ٻڌائي  پئي وڃي ، جو مضر صحت پرڏيهي گٽڪو سفينہ  برآمد ٿيو جيڪو راڻيپور کان شهدادپور ڏانهن کنيو پئي ويو.لکين روپين جو گٽڪو، گرفتار ڪيل شخص ۽ ڪار کي وڌيڪ قانوني ڪارروائي لاءِ سڪرنڊ ٿاڻي جي پوليس حوالي ڪيو ويو آھي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو