ٺري ميرواھ (رپوٽر امتياز علي شر)ٺري ميرواه ۾ اسٽيپ فائونڊيشن طرفان مونيڪا لاڙڪ جي وارثن سان انصاف نه ٿيڻ خلاف ٺري ميرواه ناڪه چوڪ کان ٺري ميرواه پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي وئي جنهن ۾ اسٽيپ فائونڊيشن جي چيئرپرسن ميڊيم شائسته بلوچ جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي جنهن ۾ اسٽيپ فائونڊشن جي ضلع صدر ثمرين دشتي ۽ٺري ميرواه تعلقه جو صدر ذاڪر حسين لنڊ سيئنر نائب صدر فردوس جوڳي ۽ ٻين سياسي سماجي اڳواڻن جي طرفان ناڪا چوڪه تي ٽائرن کي ساڙي ٺري کان سيٺارجه روڊ بلاڪ ڪيو ويو روڊ بلاڪ ٿيڻ جي ڪري ٽرئفڪ معطل ٿئي وئي ۽ ٺري ميرواه پريس تائين ريلي پهتي ۽ احتجاج ڪندڙ ٻڌايو ته مونيڪا لاڙڪ جا اصل قاتل گرفتار ڪيا وڃن ۽انهن کي سرعام فاهي ڏني وڃي جئين ڪنهن ٻئي سنڌ جي نياڻن سان اهڙو واقعو نه ٿئي










