عطائي ڊاڪٽر هٿان غلط انجيڪشن سبب عورت هلڻ ڦرڻ کان لاچار

ڪراچي  ( رپورٽ  شهزادو  مستوئي ) ملير ۾ عطائي ڊاڪٽرن هٿان ٿيندڙ عام شهرين جو ڪوس بند نه ٿي سگهيو قومي شاهراهه لڳ اورنگزيب اسپتال جي ڊاڪٽر نواب بروهي پاران غلط انجيڪشن سبب عورت هلڻ ڦر کان لاچار ٿي وئي وارثن پاران اسپتال جو گهراءُ اطلاع پوليس پهچي عملي کي بچائي ورتو  عورت ڳڻتي جوڳي حالت ۾ جناح اسپتال منتقل عورت جي مڙس چيو ته مادي جي تڪليف سبب گهرواري کي اورنگزيب اسپتال داخل ڪيو ڊاڪٽر جي غفلت سبب کيس عورت بيهوش رهي ٺيڪ ٿيڻ بجائي هلڻ ڦر کان به لاچار ٿي وئي آهي ڊاڪٽر ۽ اسپتال عملي خلاف قانوني ڪاروائي ڪري انصاف ڪيو وڃي سڄي سنڌ جيان ملير ۾ عطائي ڊاڪٽرن جو راڄ قائم مختلف علائقن ۾ وقتن به وقت عطائي انساني زندگي ضايع ڪرڻ کان گهٽ نه ڪئي ڊي ايچ او ملير سميت ڪنهن به ڪاموري اک نه کولي انسانن کي عطائين جانورن جيان زبا ڪرڻ جي عزم تي برقرار ملير شاهه لطيف ٿاڻي جي حد قومي شاهراهه ڀرسان قائم اورنگزيب اسپتال به انسانن لاءِ ڪوس گهر بڻجي وئي ڊاڪٽر پاران غلط انجيڪشن سبب عورت هلڻ ڦر کان لاچار ٿي وئي مادي جي تڪليف وارثن مورزادي شيخ کي سندس اورنگزيب اسپتال داخل ڪيو عورت کي ڊرپ ۽ انجيڪشن لڳڻ سبب عورت هلڻ ڦر کان لاچار ٿي وئي وارثن اسپتال عملي جو گهراءُ ڪيو اطلاع تي پوليس پهچي وارثن کي ٿڌو ڪيو عورت ڳڻتي جوڳي حالت ۾ جناح اسپتال منتقل وارثن جو استپال علمي خلاف احتجاجي مظاهروڪري ڌرڻو هنيو ويو ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي معذور ٿيل عورت جي ڀاءُ شير محمد لاشاري مڙس ڪالو خان داهيندي چيو ته معمولي تڪليف سبب کيس اسپتال داخل ڪيو هتي ڊاڪٽر نه بلڪه ڪاسائي ويٺل آهن جيڪو رڳو ڳڙڪائي رهيا آهن هنن چيو ته ڊاڪٽر نواب بروهي اڻ پڙهيل آهي جيڪو رڳو ماڻهن جون زندگيون ضايع ڪري رهيو آهي متاثرن وزير اعلي’ سنڌ ڊي ايڇ او ملير سميت اعلي’ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته اورنگزيب اسپتال انتظاميا ۽ غفلت ڪندڙ ڊاڪٽر نواب بروهي خلاف قانوني ڪاروائي ڪري کيس گرفتار ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ سخت مزاحمت ڪرڻ تي مجبور ٿي پونداسين،

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو