لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب جي وڏي وزير جي اطلاعات بابت خاص صلاحڪار فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته آر يا پار جي دعويٰ ڪندڙن کي ڪجهه به نصيب نه ٿيو پر ٿيو ڪجهه به نه مريم بي بي ۽ پي ڊي ايم جي حصي ۾ صرف خواري آهي.لاهور پريس ڪلب ۾ صحافي تنظيمن جي تقريب کي خطاب ڪندي فردوس عاشق اعواڻ چيو ته نومبر ۽ ڊسمبر ڇا اڌ جنوري به گذري ويو پر ٿيو ڪجهه به نه. مسلم ليگ(ن) جي اڳواڻن کي تنقيد جو نشانو بنائيندي فردوس عاشق اعواڻ چيو ته ڳڙهي خدا بخش ۾ نوازشريف کي تقرير جي اجازت نه ملي جڏهن ته مريم نواز چاچي جا ڳوڙها اگهڻ لاءِ عدالت وئي هئي. چاچي جي لاءِ مشورو آهي ته هنن جي چوڻ تي عمل نه ڪري هي پاڻ ٻڏل آهن هي اوهان کي به ٻوڙي ڇڏيندا.فردوس عاشق اعواڻ وڌيڪ چيو ته حڪومت پي ڊي ايم سان ڳالهين جي لاءِ تيار آهي. هن چيو ته سوشل ميڊيا سبب اسان جون ذميواريون وڌي ويون آهن اوهان جي ٽيڪس جي پئسن مان اشتهارن کي هڪ منظم طريقي سان استعمال ڪري رهيا آهيون. فردوس عاشق اعواڻ وڌيڪ چيو ته صحافين جون شڪايتون لفافي ۾ بند ڪري سندن ترجمان بڻجي مسئلا وفاق تائين پهچائيندس. ان موقعي تي لاهور پريس ڪلب جي صدر ارشد انصاري پنهنجي خطاب ۾ چيو ته فردوس عاشق جي اچڻ سان صحافين جا اڌ ۾ رڪيل ڪم شروع ٿي ويا آهن.










