آر او پلانٽس ملازمن جو پگهارون نه ملڻ خلاف احتجاجي مظاهرو

اسلام ڪوٽ(رپورٽ صادق بجير )ٿر جي آر او پلانٽس آپريٽر کي تيرنهن مهينن کان پگهارون نه مليون ملازمن پاران اسلام ڪوٽ ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ريلي ڪڍي سخت نعريبازي ۽ مطالبا پورا ڪيڻ جي گهر ڪئي.ٿر پارڪر ضلعي ۾ لڳايل آر او پلانٽس منصوبو ناڪام ٿي ويو آهي پلانٽس تي مقرر ڪيل آر او جا آپريٽر 13 مهينن کان پگهارن کان محروم آهن آر او پلانٽس جي آپريٽرن بابو مهراڻپوپوٽو،نجم الدين هنگورجو،محمد خان راهمون،عبدالخالق سميجو،سونهارو بجير،بچل ڇڇر،نهال ميگهواڙ،عزيز الله سنگراسي،هوٿي ڪولهي،ڏيارام ڀيل،هاشم مهر ۽ ٻين پاران پگهارون نه ملڻ خلاف اسلام ڪوٽ ۾ ريلي ڪڍي ويئي،ريلي شهر جي مختلف روٽن تان ٿيندي پريس ڪلب پهتي،جتي احتجاج ڪندڙن احتجاجي مظاهرو ڪي سخت نعريبازي ڪئي،آپريٽرن دانهيندي چيو ته ٿر ۾ اربين روپين جي لاڳت سان لڳايل سمورا آر او پلانٽ مڪمل طور تي تباھ ٿي ويا آهن،سمورا پلانٽس بند پيل آهن ۽ اُهي مشينري جي قبرستان ۾ تبديل ٿيل آهن،پلانٽس لاوارث پيل هجڻ ڪري سولر پليٽون چوري ٿي رهيون آهن،هنن انڪشاف ڪندي چيو ته ٿر ۾ 750 سئو آر او پلانٽس لڳائڻ جو ٺيڪو پاڪ اوسيئس ڪمپني کي مليو هو،جنهن پنج سئو کن جُڳاڙي پلانٽس لڳائي 2 سئو پلانٽس غائب ڪري ڇڏيا آهن جيڪي اڃان تائين لڳائي ناهن ڏنا ،پلانٽس بند پيل هجڻ ڪري ٿري مارو پيئڻ جي پاڻي لاءِ پريشان آهن،اسان کي 13 مهينن کان پگهارون ناهن مليون،اسان پگهارن لاءِ دانهون ڪري ڪري ٿڪجي پيا آهيون پر سنڌ حڪومت سميت ڪوبه چونڊيل نمائيندو دانهن نه ٿو ٻُڌي،اسان سان رڳو ڪوڙا واعدا ڪيا پيا وڃن،پاڪ اوسيئس ڪمپني جو ٺيڪو ختم ٿي ويو آهي جنهن بعد پلانٽس پبلڪ هيلٿ کاتي حوالي ٿيل آهن،پبلڪ هيلٿ وارا به اسان جي دانهن نه ٿا ٻُڌن،اسان کي پگهارون نه ملڻ سبب ٻچا بکون ڪاٽي رهيا آهن،اسان سان انصاف ڪري پگهارون جاري ڪري پلانٽس هلايا وڃن ته جيئن ٿري ماڻهن کي پيئڻ جو پاڻي ملي سگهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو