اسلام آباد( رپورٽ الله وسايو گهوٽو) نيب ايگزيڪيوٽو بورڊ اڳوڻي وزير لوڪل گورنمينٽ سنڌ ڄام خان شورو ۽ ڊائريڪٽر بورڊ آف انويسٽمينٽ اسلام آباد عادل ڪريم جي خلاف ريفرنس داخل ڪرڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي. اجلاس ۾ اويس مظفر ٽپي جي خلاف انڪوائري ۽ اڳوڻي گهرو وزير سنڌ سهيل انور سيال جي خلاف ڪرپشن تحقيقات جي منظوري به ڏئي ڇڏي آهي.نيب اجلاس ۾ سنڌ اسيمبلي جي ميمبر ڄام خان شورو، ڪرن خان شورو، ڪاشف شورو ۽ ٻين جي خلاف ريفرنس داخل ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.ڊائريڪٽر بورڊ آف انويسٽمينٽ اسلام آباد عادل ڪريم، اڳوڻي ڪمشنر ان لينڊ روينيو سڪندر اسلم ۽ ٻين جي خلاف به ريفرنس داخل ڪيو ويندو.










