طاقتور ادارن جي بالادستي قبول نه ڪنداسين، مولانا فضل

لورالائي (ويب ڊيسڪ) پي ڊي ايم جي اڳواڻ مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته پاڪستان ۾ طاقت وار ادارن جي بالادستي قبول نه ڪنداسين، هن ملڪ ۾ آئين ۽ قانون جي حڪمراني ۽ پارليمان جي بالادستي لاءِ سڀ جماعتون گڏجي جدوجهد ڪن پيون. هن اهڙو اظهار لورا لائي ۾ پي ڊي ايم جي جلسي کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته هاڻي وقت اچي ويو آهي ته فيصلو ڪريون ته ادارن جي بالادستي قبول ناهي. اسانجي وڏن انگريزن کان آزادي ورتي ڪنهن جي به غلامي قبول ناهي، هن ملڪ تي حڪمراني جو حق عوام کي آهي، ڪنهن اداري کي ڪو حق ناهي ته عوام جو مينديٽ چوري ڪري. هن چيو ته عمران خان کي وڃڻو پوندو ڇو ته هو عوامي ووٽ ذريعي ناهي آيو هي جعلي حڪمران آهي کين خبر ئي ناهي ته حڪومت ڪيئن هلائبي آهي. مولانا چيو ته عمران خان ڪنهن مهل مديني جي رياست جي ڳالهه ٿو ڪري ته ڪنهن مهل چين جي نظام لاڳو ڪرڻ جو حمايت ٿو ڪري وري ڪجهه ڏينهن بعد امريڪي نظام جي ڳالهه ٿو ڪري. هن چيو ته مان واضح ٿو ڪريان ته طاقت ور ادارن جي بالدستي قبول نه ڪنداسين هن ملڪ ۾ صرف عوام ۽ پاڪستاني قو م جي بالادستي هوندي. هن چيو ته موجوده حڪمرانن ڪشمير جو سودو ڪيو، معيشت تباهه ڪئي آهي، دوست ملڪن کي ناراض ڪيو آهي، ڀارت پاڪستان جو دشمن اڳ ۾ ئي هو پر هاڻي افغانستان، ايران ۽ چين به ناراض آهن، سعودي عرب کي به هنن ناراض ڪيو آهي. نيپال ۽ سريلنڪا جي معيشت اڳتي پئي وڃي پاڪستان جي معيشت منفي ٿي وئي آهي. بنگلاديش ۽ افغانستان جي ڪرنسي پاڪستان کان مٿي ٿي وئي آهي،  

پهنجو تبصرو موڪليو