والد جي غلطي سبب سندس معصوم پٽ فوت

ٺڪراٺو ( ن سنڌيار)ڳوٺ موچي دڙو ۾ معصوم نينگر ڪامران سوڍر غلطي سان پنهنجي والد جي ٽريڪٽر هيٺان اچي فوت ٿي ويو. چار سالن جو معصوم نيننگر راند ڪري رهيو هو ته سندس والد محمد مٺل سوڍر پنهنجو ٽريڪٽر گهر کان ٻاهر ڪڍي رهيو هو ۽ اوچتو نينگر ٽريڪٽر پويان اچي ٽائر هيٺان چيڀاٽجي فوت ٿي ويو جنهن بعد گهر ۾ قهرام مچي ويو ۽ معصوم نينگر جي امڙ پنهنجي جگر جي ٽڪڙي جولاش ڏسي بيهوش ٿي ويئي ، معصوم نينگر کي پنهنجي اباڻي قبرستان سومر شاھ  ۾ مٽيء ماء حوالي ڪيو ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو