ڪينال مان مٽي کڻڻ سبب ڪپر ڪمزور، ڪاروائي جو مطالبو

راڻيپور (حيدر علي عمراڻي)روھڙي ڪينال مان غير قانوني مٽي کڻڻ جو سلسلو  ايريگيشن آفيسرن جي ملي ڀڳت سان جاري  آهي. بلڊر مافيا کان رشوت وٺي کين کلي ڇوٽ ڏيئي ڇڏي آهي. جيئن ئي شاخن مان پاڻي بند ٿيو آھي ته راڻيپور شھر جي ڪڇ مان گذرندڙ  روھڙي ڪيئنال ۾ ڪرين ذريعي  ٽريڪٽر ٽراليون ۽ ڊمپر ڀري ڪينال جي تري مان مٽي کڻڻ جو سلسو جاري آھي جنھن سبب روهڙي ڪيئنال جا ڪپر ڪمزو ٿيڻ  سان گڏ ڪنهن وقت به وڏي گهاري پوڻ جي امڪان کي رد نٿو ڪري سگهجي جڏھن ته ڪجهه ڏينهن پھريان راڻيپور وٽان ڪناري ۾ هنڌان هنڌان روڻيون پئجي چڪيون آھن اگر هاڻي ڪينال  جي تري مان مٽي کنئي وئي ته   ڪافي نقصان ٿيڻ جو انديشو آھي واهن شاخن مان پاڻي بند ڪرڻ جو مقصد انهن جي مرمت ڪرڻ هوندو آھي پر هتي ان جي ابتڙ ڪم هلي رهيو آھي في ٽرالي جي رقم مقرر ٿيل آھي راڻيپور جي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن تما گهڻي جستجو ڪئي آھي پر ڪير به سندن دانهن نٿو ورنائي ڇوته ٺيڪدارن  ايريگيشن عملي جو کيسو گرم ڪري ڇڏيو آھي في ٽرالي 400 رپيا رشوت ورتي پئي وڃي. راڻيپور جي عوام پاران ڊي سي خير پور ۽ ٻين وس وارن کان غير قانوني مٽي کڻندڙن ۽ وڪرو ڪندڙن خلاف قانوني ڪار روائي ڪرڻ جو مطا لبو ڪيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو