.
ڪشمور (رپورٽ جي ايم کوسو )گڊو ٿرمل پاورهائوس ۾ فني خرابي سبب ڌماڪو هڪ سيڪنڊ ۾ سڄي ملڪ اندر بجلي بند ٿي وئي. گڊو ٿرمل پاورهائوس ۾ فني خرابي جو سگنل ملڻ باوجود لاپرواهي ڪئي ويئي سي اي او گڊو چيو ته غفلت ڪرڻ تي آفيسرن سميت 7 ملازم معطل ڪيا آهن، چار رڪني ڪاميٽي جوڙي آهي 16 ڪلاڪن بعد گڊو ٿرمل پاورهائوس جو هڪ يونٽ بحال ڪيو ويو آهي گذريل رات دير سان گڊو ٿرمل پاورهائوس ۾ فني خرابي سبب زوردار ڌماڪو ٿيو،ڌماڪي بعد هڪ سيڪنڊ ۾ سڄو ملڪ اونداهي جي وَر چڙهي ويو. ان سلسلي ۾ رابطو ڪرڻ تي سي پي جي سي ايل جينڪو 2 گڊو ٿرمل پاورهائوس جي چيف ايگزيڪيوٽو انجنيئر حماد عامر ٻڌايو ته رات ديرسان گڊو ٿرمل پاورهائوس ۾ فني خرابي جو سگنل ملڻ باوجود ڊيوٽي تي موجود عملي لاپرواهي ڪئي جنهن جي نتيجي ۾ فالٽ نيشنل پاور ڪنٽرول سينٽر ۾ داخل ٿيو ۽ هڪ سيڪنڊ اندر فريڪوئنسي 50 کان گهٽ ٿي 0 ٻڙي تي پهتو جنهن ڪري سڄي ملڪ ۾ بجلي بريڪڊائون ٿي ويئي. ڌماڪي سبب گڊو، ڪوئيٽه، تربيلا، منگلا،غازي بروٿا، مچ، اوچ، مظفر ڳڙھ، ڄامشورو، فيصل آباد ۽ لاهور بجلي گهرسميت ملڪ جا تمام بجلي گهر هڪ ئي وقت بند ٿي ويا. 12 ڪلاڪن بعدمختلف سسٽم هلائي بجلي جي سپلائي بحال ڪئي ويئي. شروعاتي رپورٽ موجب ڊيوٽي ۾ لاپرواهي ڪندڙ اي آر اِي سهيل احمد، انجنيئر ديدار چنو، فورمين علي حسن گولو، آپريٽر سعيد احمد سومرو، آپريٽر اياز ڏهر، اٽينڊنٽ سراج احمد ميمڻ، اٽينڊنٽ چوڌري محمد الياس کي معطل ڪيو ويو آهي. جڏهن ته واقعي جي تفصيلي جاچ لاءِ چيف انجنيئر جي نگراني ۾ 4 رڪني ڪاميٽي جوڙي آهي، ڪاميٽي ٻن ڏينهن اندر رپورٽ پيش ڪندي جنهن بعد تفصيل جاري ڪيا ويندا. گڊو ٿرمل پاورهائوس جي 747 ميگاواٽ پلانٽ جو يونٽ نمبر 14 هلايو ويو آهي.واضح رهي ته گڊو ٿرمل پاور هائوس جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر سميت 3 اهم عهدن تي پرائيويٽ ماڻهون مقرر ڪرڻ بعد هر آئي ڏينهن گڊو ٿرمل پاورهائوس ۾ فني خرابي سبب ڌماڪا ٿيڻ ۽ هلندڙ يونٽن کي باھ لڳڻ معمول بڻيل آهي. هر واقعي بعد ننڍن ملازمن کي معطل ڪيو پيو وڃي. جڏهن ته واپڊا اٿارٽي ۽وزارت طرفان ڪابه ڪاميٽي جوڙي جاچ ڪانه ڪئي ويئي آهي. گذريل رات سڄي ملڪ جي بجلي بند ٿيڻ ڪري ملڪ کي اربين روپين جو نقصان پهتو آهي
.










