هزاره برادري کي بليڪ ميلر جو الزام  هڻندڙ  شرم ڪري،مولابخش

هزاره برادري کي بليڪ ميلر جو الزام هڻندڙ شرم ڪري،مولابخش

ڪراچي( اسٽاف رپورٽر)مولا بخش چانڊيو چيو آهي ته وزيراعظم هزاراه برادري مٿان بليڪ ميلنگ جو الزام هڻڻ شرم جوڳو آهي، هن ثابت ڪري ڇڏيو آهي ته هو ڪٽپتلي وزيراعظم آهي.پيپلزپارٽي جي اڳواڻ مولابخش چانڊيو وزيراعظم عمران خان جي بيان تي ردعمل ڏيندي چيو آهي ته عوام جي ووٽن سان ٿيل وزيراعظم مظلومن جي زخمن تي ائين لوڻ نه ٻرڪي، نااهل پنهنجي اقتدار ۾ رهڻ جا سمورا جواز وڃائي ويٺو آهي، ڌرڻن سان اقتدار ۾ آيل ڪٽپتلي هاڻ ڌرڻن کي بليڪ ميلنگ ٿو چوي.ٻئي طرف ناصر حسين شاهه جو چوڻ هو ته مچ سانحي تي عمران خان جي اصليت قوم اڳيان اچي وئي آهي، بيحسي ۽ سفاڪي جي به حد هوندي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو