انجمن حسيني مورو پاران مڇ واقعي خلاف احتجاجي مظاھرو ڌرڻو

انجمن حسيني مورو پاران مڇ واقعي خلاف احتجاجي مظاھرو ڌرڻو

نوشھرو فيروز (رپورٽ منظور ملڪ)مورو م انجمن حسيني مورو پاران مڇ واقعي خلاف مورو پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاھرو ڌرڻو علامتي بک ھڙتال ڪئي وئي جنھن جي اڳواڻي سيد ماجد علي شاھ، ھارون ڪلھوڙو، محمد صالح ٻرڙو، سيد ڪوڙل شاھ، جاويد مصطفيٰ ڪانڌڙو، عبدالحڪيم لغاري، ڊاڪٽر ممتاز علي ميمڻ، امير بخش سرھيو، محمد صالح ڪلھوڙو، حاجي خان سمون، جماڻي بخشل احمد، رضوان جماڻي ڪامران چانڊيو اصغر زرداري، پرويز سرھيو، امداد ميمڻ، وفا محبوب عباسي، شھزاد سرھيو، سيد امتياز علي شاھ، رياض ميمڻ،  ڪئي جتي ھنن چيو تہ سانحہ ھزارا ٽائون جي واقعي کي اسان شيعا دشمني سمجھون ٿا ء مڇ م ڪوئلي جي کاڻ م يارنھن پورھيتن کي بي دردي سان شھيد ڪيو ويو آھي جنھن جي مذمت ڪيون ٿا، ھميشھ شيعا مومنين کي ٽارگيٽ بڻايو ويو آھي جن جا لاش کڻي کڻي اسان ھاڻي ٿڪجي چڪا آھيون ھاڻي خاموش ٿي نه ويھنداسين ھنن چيو ته مظلوم پورھيتن جي خون ۾ ملوثن خلاف قانوني قدم کڻي گرفتار ڪري سخت کان سخت سزا ڏئي انصاف ڪيو وڃي ٻي صورت ھي احتجاج ملڪي سطح تي وڌايا ويندا جڏھن ته ھن احتجاج م مورو جي سياسي سماجي علمي ادبي حلقي جي اڳواڻن ڪامريڊ بلاول ڏاھري، ھدايت الله سومرو، اظفر سعيد ميمڻ، اسد سولنگي، فقير بشير احمد لغاري، دين محمد ڪلھوڙو، وحيد رزاق مستوئي ء ٻين پڻ يڪجھتي طور احتجاج م شرڪت ڪئي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو