شيخ ڀرڪيو (مظفر علي بروهي) پاڪستان پيپلز پارٽي شهيد ڀٽو ضلع ٽنڊي محمد خان پاران بخاري هاوس تي پ پ جي باني چيئرمين اڳوڻي وزير اعظم شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي 93 هين سالگره ملهائي وئي سالگره جي تقريب ۾صوبائي اڳواڻ محبوب سيال ضلع صدر سيد ارشاد شاه زاهد علي ظهير ڀٽي بلاول خواجه پپو لغاري ۽ ٻين سالگره جو ڪيڪ ڪٽيو سالگره جي تقريب کي خطاب ڪندي محبوب سيال سيد ارشاد شاه بخاري چيو ته شهيد ذوالفقار ڀٽو جون ملڪ ۽ قوم لا وڏيون قربانيون آهن جن عوام خاطر جابرن سان مهاڏو اٽڪايو هنن چيو ته شهيد ڀٽو ملڪ کي ايٽمي طاقت ڏني 73 جوآئين ڏنو هنن چيو ته شيد ڀٽو سندس خاندان جون ڪيل خدمتون ڪڏهن به وساري نٿيون سگهجن انشاالله اهو ڏينهن پري ناهي جڏهن شهيد ڀٽو جي اصل پارٽي پ پ شهيد ڀٽو جو راڄ هوندوپ پ شهيد ڀٽو جي نالي سان ووٽ وٺي پنهنجا ڀڀ ڀريندڙن جو خاتمو ٿيندو هنن چيو ته ڪارڪن گهر گهر وڃي مير مرتضي ڀٽو ۽ بيگم غنوي ڀٽو بو پيغام پهچائين ان موقعي تي رياض لغاري جانگهير شيخ حبيب شيخ ,۽ ٻين خطاب ڪيو










