اسلام آباد(رپورٽ الله وسايو گهوٽو)ڪورونا سبب ملڪ ۾ 59 وڌيڪ مريض فوت ٿي چڪا آهن جڏهن ته 1هزار900 کان وڌيڪ نوان ڪيس رپورٽ ٿي چڪا آهن.پاڪستان ۾ ڪورونا جي شماريات جي ويب سائيٽ جي مطابق گذريل 24 ڪلاڪن ۾ 35هزار073 ڪورونا ٽيسٽ ڪيا ويا جن مان 1هزار947 ماڻهن ۾ ڪورونا وائرس جي تصديق ڪئي وئي ۽ 59 ڪورونا وائرس فوت ٿي ويا آهن.گذريل 24 ڪلاڪن ۾ ڪورونا مثبت شرح 5.7 سيڪڙو رهي.ملڪ ۾ ڪورونا سبب فوتين جو تعداد 10هزار409 ٿي چڪو آهي ۽ ڪيسن جو ڪل تعداد 4لک90هزار476 تائين پهچي چڪو آهي جڏهن ته فعال ڪيسن جو تعداد 35هزار707 آهي.ان کان علاوه سڄي ملڪ ۾ 24 ڪلاڪن ۾ 1هزار903 مريض ڪورونا کان صحتياب ٿي چڪا آهن صحتياب ٿيندڙ مريضن جو ڪل تعداد 4لک44هزار360 ٿي ويو آهي.سنڌ ۾ ڪورونا جي مريضن جو ڪل تعداد 2لک19هزار452 تائين پهچي ويو آهي جڏهن ته هينئر تائين 3هزار623 ڪورونا جا مريض مريض فوت ٿي چڪا آهن.پنجاب ۾ ڪورونا جي مريضن جو ڪل تعداد 1لک41هزار393 ٿي چڪو آهي ۽ 4هزار160 مريض وائرس سبب فوت ٿي ويا آهن .بلوچستان ۾ڪورونا مريضن جو ڪل تعداد 18هزار254 آهي ۽ فوتين جو ڪل تعداد 185 ٿي چڪو آهي.خيبرپختونخواهه ۾ ڪورونا جي مريضن جو ڪل تعداد 59هزار729 آهي ۽ 1هزار683 مريص فوت ٿي چڪا آهن.جڏهن ته آزاد ڪشمير ۾ ڪل 8هزار 383 ماڻهو وائرس کان متاثر ٿيا آهن ۽ 229 مريض فوت ٿي چڪا آهن.گلگت بلتستان ۾ هن وقت تائين ڪورونا مريضن جوڪل تعداد 4هزار870 تائين پهچي چڪو آهي ۽ 101 مريض فوت ٿي چڪا آهن.اسلام آباد ۾ ڪورونا مريضن جو ڪل تعداد 38هزار395 ٿي چڪو آهي ۽ هن وقت تائين 428 مريض وائرس سبب فوت ٿي چڪا آهن.










