سنڌ ۾ ڪورونا سبب 12 فوت 855 نوان ڪيس ظاهر

سنڌ ۾ ڪورونا سبب 12 فوت 855 نوان ڪيس ظاهر

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 12 مريض پنهنجي حياتي وڃائي ويٺا آهن جنهن کانپوءِ فوتين جو انگ 3623 تائين وڌي ويو آهي ۽ 855 نوان ڪيس سامهون آيا جڏهن 10165 ٽيسٽ ڪيا ويا. هن اها ڳالهه سومر تي وزيراعليٰ هائوس کان جاري ڪيل بيان ۾ چئي. هن وڌيڪ چيو ته گذريل 24 ڪلاڪن ۾ وڌيڪ 12 مريض فوت ٿي ويا ۽ فوتين جي شرح 3623 ٿي وئي آهي جيڪا 1.7 سيڪڙو فوتين جي شرح آهي. مراد علي شاهه چيو ته 10165 نمونن جي جانچ ڪئي وئي جن مان 855 ڪيس ظاهر ٿيا جيڪي 8.4 سيڪڙو موجوده تشخيصي شرح آهن. هن وڌيڪ چيو ته هيستائين 2407948 ٽيسٽ ڪيا ويا آهن جن مان 219452 ڪيسز جي نشاندهي ڪئي وئي آهي انهن مان 90.1 سيڪڙو يعني 197870 مريض صحتياب ٿي چڪا آهن جن ۾ گذريل 24 ڪلاڪن ۾ 440 پڻ موجود آهن. وڏي وزير چيو ته هن وقت 17959 مريض علاج هيٺ آهن انهن مان 17169 گهرن ۾، 11 آئسوليشن سينٽرن ۽ 779 مختلف اسپتالن ۾ آهن. هن وڌيڪ چيو ته 695 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي وئي آهي جن ۾ 72 مريضن کي وينٽيليٽرز تي منتقل ڪيو آهي. بيان موجب 855 ڪيسن مان 791 ڪراچي جا آهن جن ۾ ضلع ڏکڻ 194، ضلع اوڀر 337، ضلع ڪورنگي 52، ضلع سينٽرل 50، ضلع ملير 25 ۽ ضلع اولهه شامل آهن. ٽنڊو محمد خان 32، حيدرآباد 29، سانگهڙ 15، ميرپورخاص 13، دادو 12، نوشهروفيروز 10، لاڙڪاڻو 9، قمبر 8، گهوٽڪي، جيڪب آباد، ڄامشورو ۽ عمرڪوٽ 6-6، خيرپور، شڪارپور ۽ ٽنڊوالهيار 4-4، ڪشمور، سکر ۽ ٺٽو 1-1 ڪيس رپورٽ ٿيا.  وڏي وزير صوبي جي عوام تي زور ڏيندي چيو آهي ته حڪومت پاران جاري ڪيل ايس او پيز تي عمل ڪندي پاڻ کي محفوظ رکو

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو