جي يو آءِ ف ۾ اختلاف ناهن پر ڇانٽي شروع آهي،مولانا

لاهور (ويب ڊيسڪ) جمعيت عملاءِ اسلام ف ۽ اپوزيشن اتحاد پي ڊي ايم جي سربراهه مو.لانا فضل الرحمان چيو آهي ته اسان جي پارٽي ۾ ڪي به اختلاف ناهن پر ڇانٽي جو عمل شروع ٿيو آهي.لاهور ۾ صحافين سان ڳالهيون ڪندي مولانا فصل الرحمان چيو ته سازشون لڪي ٿينديون آهن اسان ته عوام سان ملي حڪومت جو خاتمو ڪري رهيا آهيون. حڪومت آڏو جنگ جو اعلان ڪري چڪا آهيون. حڪومت جي خلاف  ويڙهه جهاد سمجهون ٿا.دنيا ۾ ڪٿي به ڳالهين جا دروازا بند ناهن ٿيندا پر ڳالهيون ڪنهن سان ڪريون اسان ڳالهيون جعلي حڪومت سان نٿا ڪري سگهون. اسان ميڊيا جي چوڻ تي قدم ناهيون کڻندا. تبيرن سان تحريڪون متاثر ناهن ٿينديون. اسان سڀ اعتماد سان ملي هلي رهيا آهيون  سموريون سياسي پارٽيون گڏ آهن. 31 جنوري تائين اسان استعيفائن جي لاءِ مهلت ڏئي رهيا آهيون ان کان پوءِ لانگ مارچ ٿيندو. مولانا فضل الرحمان چيو ته نيب ڪٺ پتلي ادارو آهي ان جي احتساب کي نٿا مڃون.قانون سڀني جي لاءِ برابر هوندو آهي. مان ان قانون جو احترام ڪندس جيڪو تحفظ ڏيندو. جيڪو قانون منهنجا جمهوري، آئيني ۽ قانوني حق غضب ڪرڻ جي لاءِ استعمال ٿيندو مون کي ان قانون جو احترام لازمي نه آهي. نوازشريف چونڊيل وزيراعظم هو ان کي اشتهاري قرارڏنو ويو هو طبي بنياد تي پرڏيهه ويو. پرويز مشرف به اشتهاري آهي ان جي خلاف ڇو نه ڳالهايو ويو هو عدالت جي هٿان سزا يافته آهي ۽ نوازشريف جي خلاف ڌار ڌار رويو رکيو ويو آهي جيڪو هاڻ نه هلندو.

پهنجو تبصرو موڪليو