شاهزيب جيلاني خلاف عدالت ڪيس خارج ڪري ڇڏيو

شاهزيب جيلاني خلاف عدالت ڪيس خارج ڪري ڇڏيو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ڏکڻ جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج امداد حسين کوسو ناليواري صحافي ۽ دنيا ڪامران خان ڪي ساٿ جي سينئر پروڊيوسر شاهه زيب جيلاني خلاف داخل ڪيس ختم ڪرن جو حڪم ڏنو آهي. سندس خلاف سياسي معاملن م فوج جي مداخلت تي تنقيد ڪرڻ جو الزام هو ۽  ايف آءِ آي مٿس سائبر ڪرائيم جو به ڪيس داخل ڪيو هو. صحافي جي وڪيل سلمان مرزا چيو ته سمورا الزام من گهڙت آهن ۽ ڪيس ۾ دم ناهي. ايف آءِ اي فرمائش تي شڪايتون ڪندڙمولوي اقبال حيدرجي درخواست تي رياستي ادارن خلاف نفرت پکيڙڻ ۽ دهشتگردي جي الزامن سميت مختلف شقن هيٺ ڪيس داخل ڪيو ويو هو. هن چيو ته ايف آءِ اي وارن الزام به واپس ورتا آهن جنهن بعد ڪيس ۾ ڪجهه ناهي رهيو. صحافي جي وڪيل ٻن ٽي وي شوز ۽ ٽويٽ ۾ جيڪو ڪجهه چيو آهي اهو قانون جي ڪنهن به شق جي خلاف ناهي. عدالت ڌرين جا دليل ٻڌڻ بعد ڪيس خارج ڪرڻ جو حڪم ڏنو.

پهنجو تبصرو موڪليو