بلوچستان جي اڳوڻي وڏي وزير رئيساڻي جا گرفتاري وارنٽ جاري

بلوچستان جي اڳوڻي وڏي وزير رئيساڻي جا گرفتاري وارنٽ جاري

ڪوئٽه (ويب ڊيسڪ)احتساب عدالت بلوچستان جي اڳوڻي وڏي وزير اسلم رئيساڻي جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا آهن.ڪوئٽه جي احتساب عدالت ۾ مهر ڳڙهه ورثي جي بحالي واري مد ۾ ڏنل فنڊز ۾ مبينه ڪرپشن ڪيس جي ٻڌڻي ٿي. عدالت بلوچستان جي اڳوڻي وڏي وزير اسلم رئيساڻي جي عدالت ۾ پيش نه ٿيڻ تي سندس ضمانت ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا آهن جڏهن ته ڪيس ۾ اسلم رئيساڻي جي هڪ ويجهي مائت عبدالنبي جا به گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا آهن. ڪيس ۾ نوابزاده لشڪري رئيساڻي ۽ اڳوڻي ناڻي واري سيڪريٽري دوستين جمالديني عدالت ۾ حاضري کان ڇوٽ جي درخواست ڏني جنهن کي عدالت منظور ڪندي مهر ڳڙهه جي بحالي واري مد ۾ فنڊز ۾ مبينه ڪرپشن واري ڪيس جي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.

پهنجو تبصرو موڪليو