ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) آفيسر ويچارا ڇا ٻڌائيندا، کين اها به خبر ناهي ته شهر ۾ ڇا ٿي رهيو آهي، وڏو وزير پاڻ پيش ٿي رپورٽ ڏئي، سُپريم ڪورٽ ڪراچي ۾ حددخلين جَي خاتمي واري ڪيس ۾ سنڌ جَي وڏي وزير مراد علي شاهه کي طلب ڪري ورتو، وڏي وزير جِي طلبي تي اَي جِي سنڌ سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ پيش ٿيو ۽ 2019 ۾ جاري ڪيل حڪم تي عمل نه ٿيڻ تي معذرت ڪندي ٻن هفتن جو وقت گهريو. عدالت کيس هڪ مهيني جو وقت ڏيندي عمل ڪري رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو. ٻڌڻي دوران چيف جسٽس گلزار احمد ريمارڪس ڏيندي چيو ته ڪراچي ۾ غيرقانوني اڏاوتون ڪندڙ 90 سيڪڙو ماڻهو شهر ڇڏي چڪا آهن، هاڻي ڪنهن جَي خلاف ڪارروائي ڪندا؟ هڪ هڪ پلاٽ ڪيترن ئي ماڻهن کي الاٽ ٿيو آهي، غيرقانوني اڏاوت ڪندڙ وڏي مافيا آهي، عدالت سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جي ڊي جي کي ڇنڊ پٽيندي چيو ته خبر آهي توهان وزير جو حڪم نه مڃيو ته گهڻو وقت سيٽ تي نه هلي سگهندو. عدالت چيو ته بحريه ٽائون کي مڪمل طور نئون شهر بڻائي ڇڏيو، ڇا توهان بحريه ٽائون ڏٺو آهي، سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ غيرقانوني قبضن واري ڪيس ۾ ٻڌڻي دوران سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جَي ڊِي جِي کان پُڇاڻو، چيف جسٽس گلزار احمد ڊي جي ايس بي سي اي سان مخاطب ٿيندي چيو ته توهان کان بحريه ٽائون ۾ ڪيترن گهرن جي اجازت ورتي وئي هئي، هاڻي ته بحريه ٽائون سان گڏ ڊي ايڇ اي سٽي به ٺهي رهيو آهي، بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي سان گڏ سڄي مافيا مليل آهي.










