استادن جو جبري بدلي خلاف احتجاجي مظاهرو

استادن جو جبري بدلي خلاف احتجاجي مظاهرو

 جيڪب آباد (ن سنڌ يار) جيڪب آباد ۾ استادن پاران لاڙڪاڻي جي استادن جي جبري بدلي خلاف احتجاجي مظاهرو، گورنمينٽ محمد امين کوسو هاءِ اسڪول کان استادن ھڪ احتجاجي جلوس گسٽا جي محمد عالم کوسو، ظھور وڳڻ، حبيب الله مستوئي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڪڍيو ويو، مظاهرين پريس ڪلب آڏو پھچي ڌرڻو هنيو.ان موقعي تي استادن خطاب ڪندي چيو آهي ته لاڙڪاڻي جي استادن کي سياسي طور جبري بدلي ڪري سيڪريٽريٽ موڪليو ويو آهي، اھڙو عمل برداشت جوڳو ناهي، استادن جي جبري بدلي جو آرڊر ڪينسل ڪري پھرين ھنڌ مقرري ڪئي وڃي. ٻي صورت ۾ استادن پاران احتجاج جاري رکيو ويندو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو