مدئجي (ن سنڌيار) شڪارپور ضلعي جي مختلف ٿاڻن جي پوليس اهلڪارن اي پي سي چين ۽ بڪتربند گاڏين سميت ايس ايڇ او مدئجي جي اڳواڻي ۾ ڪچي جي علائقي ڳوٺ ميرل ڪلهوڙو، پنجل ڪلهوڙو، رمضان ڪلهوڙ ۽ نازل ڪلهوڙو سميت مختلف ڳوٺن تي چڙهايون ڪري گهر گهر تلاشيون ورتيون.جوابدار هٿ نه اچڻ تي پوليس ڏوهارين جي گهرن ۽ ٿاڪن کي باهيون ڏيئي ساڙي ڇڏيو. ايس ايڇ او مدئجي ٻڌايو ته ٻه ڏينهن اڳ عيدگاهه محلي مان مينهن چوري دوران مزاحمت تي هٿياربندن پاران قتل ڪيل گهرڌياڻي جي قتل سميت مختلف ڏوهن ۾ گهربل ڏوهارين جي گرفتاري لاءِ ضلعي شڪارپور جي مختلف ٿاڻن جي اهلڪارن سميت ڪچي جي علائقي ۾ چڙهائي ڪئي پر ڏوهاري اڳواٽ اطلاع ملڻ تي فرار ٿي ويا جنهن بعد ڏوهارين جي ٽن گهرن ۽ چئن ٿاڪن کي باهه ڏيئي ساڙيو آهي، جوابدارن جي گرفتاري تائين ڪارروايون جاري رهنديون.ٻئي طرف ساڳئي پوليس واپسي تي مدئجي ڀرسان ڳوٺ پنهور پليجا تي ڪارروائي ڪري ڳوٺاڻي عطا محمد پنهور ۽ مسمات سبحان خاتون جي گهر جو سرچ آپريشن ڪندي گهرن ۾ موجود عورتن ۽ ٻارن مٿان تشدد ڪرڻ بعد ڳوٺ مان چئن ڳوٺاڻن کي کنڀڻ سان گڏ 20 کان مٿي ڍور پڻ ڪاهي وئي.پوليس اهلڪارن پاران گرفتار ڪيلن بابت تفصيل ڏيڻ کان انڪار ڪندي چيوته شهر ۽ آسپاس جي علائقن ۾ بدامني وڌي وئي آهي، ڏوهارين جي گرفتاري لاءِ چڙهائي ڪئي آهي، شڪ جي بنياد تي ڪجهه گرفتاريون ڪيون آهن، گرفتار ڪيلن جو رڪارڊ چيڪ ڪري بيگناهن کي آزاد ڪيو ويندو.










