ڪشمور (رپورٽ جي ايم کوسو) گڊو شھر جي وچ بازار ۾ نامعلوم موٽر سائيڪل سوار 4 ھٿيار بندن پاران ڪار مٿان فائرنگ ڪري ڪار سوار محمد شريف ولد دائم ملڪ کي سخت مرڻينگ ڪري ڇڏيو جڏھن ته ھٿياربند موٽر سائيڪل تي فرار ٿي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا .شھرين زخمي کي نجي اسپتال کڻي ۽ گڊو پوليس کي اطلاع ڏنو زخمي کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ رحيم يار خان اسپتال موڪليو ويو ھوڏانھن خبر فائيل ٿيڻ تائين گڊو پوليس ڪيس داخل نه ڪيو ۽ نه ئي گرفتاري عمل ۾ آئي آھي واقعو پنجاب ۾ شاھوالي جي پراڻي دشمني ٻڌايو وڃي ٿو










