ٺٽو (رپورٽ جاويد لطيف ميمڻ) ڌابيچي ويجھو قومي شاھراھ تي مزدا ۽ موٽر سائيڪل ۾ خوفناڪ ٽڪر، 2 ڄڻا فوت، 5 کان وڌيڪ ماڻھون زخمي، زخمي ۽ فوتين جا لاش اسپتال منتقل، خبر موجب ڌاٻيجي ويجھو قومي شاهراھ تي تيز رفتار شهزور مزدا ۽ موٽر سائيڪل ۾ خوفناڪ ٽڪر ٿيڻ جي نتيجي ۾ ساڪرو واسي ھنڱورا بـرادري جا 2 ڄڻا اسماعيل هنڱورو ۽ مراد علي ھنڱورو موقعي تي چيپاٽي فوت ٿي ويا، جڏھن ته 5 کان وڌيڪ ماڻھون زخمي ٿي پيا، زخمين ۾ شهزور سوار اسلام ڪوٽ واسي حاڪم علي ابڙو، بشير ابڙو، وريام، رضا محمد ڇٽو، غلام حيدر، قبول محمد منڌرو، اسلام نور ۽ ٻيا شامل آھن.گھارو پوليس فوتين جا لاش ۽ زخمين کي گھارو اسپتال منتقل ڪيو، جتان سخت زخمين کي وڌيڪ علاج لاء ڪراچي موڪلڻ سميت فوتين جا لاش ضروري ڪاروائي بعد وارثن حوالي ڪيا ويا، گھارو پوليس مزدا کي تحويل ۾ وٺي وڌيڪ جاچ شروع ڪري ڇڏي آھي.










