مدئجي لڳ ڳوٺ تي پوليس چڙهائي يارنهن ڄڻا گرفتار

مدئجي لڳ ڳوٺ تي پوليس چڙهائي يارنهن ڄڻا گرفتار

مدئجي (ن سنڌيار) مدئجي جي ڪچي واري علائقي ڳوٺ ميرل ڪلهوڙو تي ڊي ايس پي مدئجي محمد امين جي اڳواڻي ۾ ضلعي شڪارپور جي مختلف ٿاڻن جي پوليس اي پي سي چين سميت چڙهائي ڪري سموري ڳوٺ کي ڪڙو چاڙهڻ بعد گهرن ۾ داخل ٿي تلاشي بهاني گهرن ۾ ويٺل عورتن ۽ معصوم ٻارن مٿان تشدد جو نشانو بڻايو.جنهن دوران عورتن ۽ معصوم ٻارن ۾ ڪيهاٽ پئجي ويا، گهر گهر تلاشي دوران پوليس اهلڪارن گهرن مان کاڌي پيتي جي سامان سان گڏ پيل هنڌ بسترا به ساڻ کڻي پوليس موبائيلن ۾ کنيا، چڙهائي دوران پوليس اهلڪارن شڪ جي بنياد تي گهرن ۾ موجود ڪلهوڙا برادري جي 9 ڄڻن ثناءُ الله ڪلهوڙو، حاڪم، مسڪين، ملان اڌل، ممتاز، سهڻو ڪلهوڙو، رسول بخش، منٺار ۽ مطو ڪهلوڙو کي به کنڀي کڻڻ بعد رستي ويندڙ ڪوش برادري جي ٻن ڄڻن وزير ڪوش  ۽ رحم علي ڪوش سميت 11 ڄڻن کي کنڀي کڻي وئي آهي.ان سلسلي ۾ رابطو ڪرڻ تي مدئجي پوليس ٻڌايو ته مختلف ڏوهن ۾ گهربل جوابدارن جي گرفتاري لاءِ چڙهائي ڪئي جتان اصل جوابدار هٿ نه اچي سگهيا آهن، جڏهن ته گرفتارين بابت پڇا ڪرڻ تي ڊي ايس پي مدئجي موقف ڏيڻ بدران پوليس موبائيل ۾ چڙهي هليو ويو.هوڏانهن ان سلسلي ۾ ڳوٺاڻن دانهيندي چيوته پوليس بنا ڏوهه جي سموري ڳوٺ کي ڪڙو چاڙهي تلاشي بهاني گهرن اندر پيل سمورو اناج، هنڌ بسترا، ٿانو سميت الهه تلهه ٻهاري وئي آهي، پوليس کي جيڪي گهربل جوابدار آهن انهن خلاف ڪارروائي ڪري پر پوليس ناحق سڄي ڳوٺ کي پريشان ڪري رهي آهي. هنن اعليٰ اختيارين کي اپيل ڪندي چيو ته پوليس جي ناجائزي جو نوٽيس وٺي انصاف ڏياريو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو