ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پاڪستان نيوي پنهنجي بحري ٻيڙي ۾ جديد جنگي جهاز تبوڪ کي شامل ڪري ورتو آهي. ڪراچي جي ڊاڪيارڊ ۾ ٿيل تقريب ۾ نيول چيف ايڊمرل امجد خان نيازي ان موقعي تي خاص مهمان هو جنهن فِليٽ ڪمانڊر کي رول حوالي ڪيو.

تبوڪ جنگي جهاز ۾ جديد هٿيارن سان گڏ اعليٰ معيار جو دفاعي نظام به نصب ٿيل آهي. ايڊمرل نيازي چيو ته نيوي جي فليٽ ۾ تبوڪ جي شموليت سان سامونڊي دفاع وڌيڪ مضبوط ٿيندو. ياد رهي ته ان کان اڳ يرموڪ کي پڻ فِليٽ ۾ شامل ڪيو ويو هو. هي ٻئي جنگي جهاز جديد ٽيڪنالوجي جو شاهڪار آهن.










