انٽيليجنس بيورو سميت سڀ ادارا پلاٽنگ پيا ڪن، عدالت

انٽيليجنس بيورو سميت سڀ ادارا پلاٽنگ پيا ڪن، عدالت

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وفاقي گادي وار شهر جا سمورا ادارا ريئل اسٽيٽ جي ڪاروبار ۾ ملوث آهن، جڏهن ادارا ڪاروبار ۾ ملوث هوندا ته سي ڊي اي ۾ ڪهڙي همت آهي جو اُن کي ڪجهه چئي، ادارا ريئل اسٽيٽ جي ڪاروبار ۾ هوندا ته مفادن جو ٽڪراءُ ٿيندو، آءِ بي وارن کي ٻڌايو ته هي مفادن جو ٽڪراءُ آهي، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جا انٽيليجنس بيورو جي آفيسرز طرفان ريئل اسٽيٽ ڪاروبار ۾ ملوث هجڻ بابت ڪيس جي ٻڌڻي دوران ريمارڪس، چيف جسٽس اطهر من الله چيو ته وزيراعظم جي صلاحڪار شهزاد اڪبر طرفان جمع ڪرايل جواب ۾ چيو ويو آهي ته ادارن مٿان ريئل اسٽيٽ جي ڪاروبار ۾ سڌي يا اڻسڌي ريت شامل ٿيڻ تي پابندي آهي پر حقيقت ان جي ابتڙ آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو