جروار(رپورٽ محمد بخش گبول)ڳوٺ نبي بخش گبول ۾ هڪ روزه مئچ گبول اليون ۽ مشوري اليون وچ ۾ ٿي گذري جنهن ۾ گبول اليون پهرين بئٽنگ ڪندي ٽوٽل 10 اوور ۾ 95 اسڪور ٺاهيو جنهن ۾ نويد گبول 45 عابد علي 20 زاهد حسين ۽ خالد حسين 15.15 اسڪور ٺاهيو. جواب ۾ مشوري اليون بئٽنگ ڪندي 8.5 اوور ۾ 67 اسڪور ڪندي آل آئوٽ ٿي وئي، جنهن ۾ ماجد گبول زبردست بولنگ ڪندي ٽن اوورن ۾ 7 وڪيٽ وٺي ٽرافي پنهنجي نالي ڪئي.










