اسلام آباد(رپورٽ الله وسايو گهوٽو)سائنس ٽيڪنالوجي جي وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته پي ڊي ايم جي گاڏي سان حادثو ٿيڻ يقني ڳالهه آهي.پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو آهي ته پي ڊي ايم جي اسٽيئرنگ ڪاميٽي جو اسٽيئرنگ ڪنهن هڪ وٽ انجن ڪنهن ٻئي وٽ ۽ بريڪ تي اڃان ٽئين جا پير آهن.وافاقي وزير جو چوڻ هو ته ڊرائيور پختو ناهي ۽ لنڊن کان پي ڊي ايم جو گئير هڻڻ وارن جي هينڊ بريڪ ڪراچي وارا ڇڪيندا آهن تنهن ڪري پي ڊي ايم جي گاڏي سان حادثو ٿيڻ يقيني ڳالهه آهي.










