لاهور جلسو(ن)ليگ جي مرڪزي اڳواڻن خلاف ڪيس داخل

لاهور جلسو(ن)ليگ جي مرڪزي اڳواڻن خلاف ڪيس داخل

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان مسلم ليگ(ن) جي مرڪزي اڳواڻن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. ڪيس لاهور جي علائقي گلشن راوي ۾ داخل ڪيو ويو آهي. رپورٽ موجب شيراڪوٽ ٿاڻي ۾ داخل ڪيل ڪيس ۾ 500 ڄڻن جا نالا نامزد ڪيا ويا آهن. نامزد ماڻهن ۾(ن) ليگ جا اڳواڻ به شامل آهن. علائقي جي پوليس ذميوار ذريعن کي چيو آهي ته داخل ڪيس ۾ ڪورونا کان بچاءُ واري ايڪٽ 2020 جا قلم شامل ڪيا ويا. پوليس ذريعن موجب داخل ڪيل ڪيس ۾ سردار اياز صادق، جاويد لطيف، خواجه سعد رفيق، مهر اشتياق، رانا مشود، عطا تارڙ، ارشد گجر، جاويد سرور ڀٽي، مشتاق واگي، اشرف بتهوڙي ۽ عامر فاروق کي نامزد ڪيو ويو آهي.ذريعن ٻڌايو آهي ته ڪيس ۾ ملڪ شهزاد، عامر شاهه، ملڪ ذيشان، عابد ڀٽي ۽ مهر شبير کي به نامزد ڪيو ويو آهي. هوڏانهن راولپنڊي ۾ به ريلي ڪڍڻ تي پاڪستان مسلم ليگ(ن) ۽ جي يو آءِ(ف) جي اڳواڻن خلاف به ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. داخل ڪيس ۾ اڳوڻي راولپنڊي جي ميئر ملڪ ابرار کي نامزد ڪيو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو