ڪورونا سبب 43 وڌيڪ فوت 3هزار119 نوان ڪيس رپورٽ

اسلام آباد( رپورٽ الله وسايو گهوٽو)پاڪستان ۾ ڪورونا سبب 43 وڌيڪ ڪورونا جا فوت ٿي ويا جڏهن ته 3هزار 119 نوان ڪيس پڻ رپورٽ ڪيا ويا آهن.ڪورونا ويب سائيٽ  جي مطابق  گذريل 24 ڪلاڪن ۾ ملڪ ۾ 41هزار115 ڪورونا ٽيسٽ ڪيا ويا جن مان 3هزار119 ڪورونا ڪيس وپورٽ ٿيا آهن ۽ 43 ڪورونا  مريض فوت ٿي ويا آهن. اين سي او سي موجب  پاڪستان ۾ ڪورونا سبب فوتين جو ڪل تعداد 8هزار303 ٿي ويو آهي جڏهن ته ڪورونا ڪيسن جو ڪل تعداد 413191 ٿي ويو آهي.سرڪاري رپورٽ مطابق  ملڪ ۾ فعال ڪورونا مريضن جو تعداد 52هزار359 آهي.سنڌ ۾ ڪورونا جي مريضن جو ڪُل تعداد 1لک80هزار904 تائين پهچي ويو آهي جڏهن ته 2هزار991 ماڻهن ڪورونا وائرس سبب  فوت ٿي چڪاآهن. پنجاب ۾ ڪورونا جي مريضن جو ڪل تعداد 1لک22هزار293 آهي ۽ 3هزار 137 ماڻهو وائرس سبب فوت ٿي چڪا آهن جڏهن ته بلوچستان ۾ مريضن جو ڪل تعداد 17هزار392 آهي ۽ فوتين جو تعداد 169 ٿي چڪو آهي. خيبرپختونخواهه ۾ ڪورونا ڪيسن جو ڪل تعداد  48هزار683 ۽ 1هزا،399  ڪورونا جا مريض فوت ٿي چڪا آهن. جڏهن ته آزاد ڪشمير ۾ 7هزار219 ڪورونا وائرس جا ٽوٽل ڪيس رڪارڊ ٿيا آهن ۽ 175 ڪورونا مريض فوت ٿي ويا آهن. گلگت بلتستان ۾ هن وقت تائين 4هزار708  ڪورونا ڪيس رڪارڊ ٿيا آهن۽ 98 ڪوروناوائرس جا مريض فوت ٿي چڪا آهن. وفاقي گادي واري شهر اسلام آباد ۾ ڪورونا مريضن جو ڪل تعداد 31هزار992ٿي چڪو آهي ۽ هن وقت تائين 334 ڪورونا وائرس جا مريض فوت ٿي چڪا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو