ٻيٽن تي ڪم جو ٺيڪو ايف ڊبليو او کي ڏيڻ جو فيصلو

اسلام آباد (الله وسايو گهوٽو) سنڌ جي سخت مخالفت باوجود وفاقي حڪومت ٻيٽن تي شهر اڏڻ واري فيصلي تان هٿ نه کنيو.  وزير اعظم  عمران خان سنڌ جي ٻيٽن تي شهر اڏڻ وارو منصوبو جلد مڪمل ڪرڻ لاءِ پلان جوڙڻ جي هدايت ڪري ڇڏي، آئيلينڊ ۽ راوي اٿارٽي جي حوالي سان اجلاس دوران وفاقي وزير علي زيدي، گورنر عمران اسماعيل ۽ آئيلينڊ اٿارٽي جي چيئرمين جي شرڪت، وزيراعظم چيو ته ٻيٽن تي منصوبو اڏاوتي شعبي لاءِ انتهائي اهميت رکي ٿو، عوام ۾ منصوبي جي هاڪاري پاسن کي اجاڳر ڪرڻ جي ضرورت آهي. ذريعن جو چون آهي ته ٻيٽن تي انفرا اسٽرڪچر جي تعمير جو ڪم ايف ڊبليو او ۽ آرمي ويلفيئر ٽرسٽ کي ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، فوج جي موجودگي سبب مزاحمت کي روڪي سگهبو.

پهنجو تبصرو موڪليو