ٻن ڪيسن ۾ هاءِ ڪورٽ پاران نواز شريف اشتهاري قرار

اسلام آباد(رپورٽ الله وسايو گهوٽو) اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف کي العزيزيه ۽ ايون فيلڊ ريفرنسز ۾ اشتهاري قرار ڏئي ڇڏيو. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ نواز شريف جي واپسي جي ضمانت ڏيندڙن کي به شوڪاز نوٽيسز جاري ڪري ڇڏيا، ٻڌڻي دوران جسٽس عامر فاروق چيو ته ڪيس جي حوالي سان لکت ۾ فيصلو ڪجهه دير ۾ جاري ڪيو ويندو، عدالت ڌُرين کي حڪم ڏنو آهي ته ايندڙ ٻڌڻي تي ٻڌايو وڃي ته پهرين مختلف درخواستن ۽ اپيلز مان پهرين ڪنهن تي ٻڌڻي ڪرڻي آهي، عدالت نواز شريف جي اپيل تي ايندڙ ٻڌڻي کي مريم نواز جي اپيل سان گڏ مقرر ڪري ڇڏيو. ايف آءِ اي جي ٻن آفيسرن وارنٽس جي تعميل بابت بيان قلمبند ڪيا ويا.

پهنجو تبصرو موڪليو