گلگت کي صوبو بنائڻ، صحت ۽ احساس پروگرام جو اعلان

گلگت (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته گلگت کي صوبي جو اختيار ڏيڻ بابت ڪم ڪري رهيا آهيون. گلگت ۾ وڏي وزير ۽ ڪابينا جي حلف برادري جي تقريب کي خطاب ڪندي هن اسڪردو ۾ 250 بسترن واري اسپتال جلد مڪمل ڪرڻ، سياحت جي بهتري لاءِ ماڻهن کي سستا قرض ڏيڻ، احساس پروگرام ۽ صحت ڪارڊ جاري ڪرڻ سميت علائقي جي ترقي لاءِ اهم اعلان ڪيا. هن چيو ته اسحاق ڊار جو بي بي سي کي ڏنل انٽرويو ڏسي اندازو ٿي ويندو ته هو سخت ذهني دٻاءُ جو شڪار هو، دُنيا ڏٺو ته هُو ڪوڙ مٿان ڪوڙ ڳالهائي رهيو هو. هن اپوزيشن تي تنقيد ڪندي چيو ته آصف زرداري ۽ نواز شريف کي 40 سالن کان سڃاڻان ٿو، مٿن الله تعاليٰ جو عذاب ايندي ڏٺو آهي، پي ڊي ايم وارا چوري جو پئسو لڪائڻ لاءِ اهو سڀ ڪجهه ڪري رهيا آهن، ڪورونا وڌڻ بابت ڄاڻ هجڻ باوجود پي ڊي ايم طرفان جلسا ڪيا پيا وڃن، ڊاڪٽرز ۽ نرسز دانهون ڪري رهيا آهن ته اسپتالن مٿان دٻاءُ وڌي رهيو آهي.وزيراعظم چيو ته وفاقي سرڪار گلگت بلتستان ۾ تبديلي آڻڻ لاءِ نئين حڪومت جي ڀرپور مدد ڪندي.

پهنجو تبصرو موڪليو