شهباز ۽ حمزه جي پرول واري مدت ۾ 24 ڪلاڪ واڌ

لاهور (ويب ديسڪ) پنجاب حڪومت قومي اسمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر شهباز شريف ۽ پنجاب اسمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر سندس پٽ حمزو شهباز جي پرول ۾ 24 ڪلاڪن جي واڌ ڪري ڇڏي آهي. پرول ۾ واڌ جو اعلان پنجاب جي وڏي وزير جي اطلاعات واري مشير عاشق فردوس اعواڻ پنهنجي ٽوئٽر هينڊل تي ڪيو آهي.

ٻنهي گذريل ڏينهن حڪومت کي ڏنل درخواستن ۾ 5 ڏينهن جي پرول جي مدت جيڪا 2 ڊسمبر تي منجهند جو ختم ٿي رهي هئي ان م ٻن هفتن جي واڌ جي گذارش ڪئي هئي. هنن جو چوڻ هو ته سندن خاندان جو ڪو به مرد موجود ناهي ان ڪري شهباز شريف جي والدهه جي وفات تي عذر خواهي لاءِ ماڻهو اچي رهيا آهن ان ڪري پرول ۾ واڌ ڪريو. پنجاب جي وڏي وزير سردار محمد عثمان بزدار واسطيدار کاتن جي مشاورت بعد ٻن هفتن بدران 24 ڪلاڪ جي واڌ ڪئي آهي جيڪا 3 ڊسمبر تي منجهند جو پوري ٿيندي جنهن بعد کين ڪوٽ لکپت جيل وڃڻو پوندو. شهباز شريف سان چوڌري نثار علي خان والده جي وفات تي تعزيت ڪئي هئي ۽ ان ملاقات کي ڪافي اهميت جوڳو قرار ڏنو پيو وڃي. ان ملاقات بعد شهباز شريف قومي ڊائلاگ جو بيان ڏنو هو جنهن جو شيخ رسيد ويلڪم ڪيو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو