غوثپور (عبدالنبي ملڪ)ڪچي واري علائقي دراني مھر ٿاڻي جي حد ڳوٺ بھادر مھر ۾ پوليس ۽ مھر برادري جي ماڻھن جو ڏوھارين جي ٽولي سان مقابلو، ھڪ ڳوٺاڻو شھمير مھر قتل ٿي ويو جڏهن ته مهر برادري ۽ پوليس جي فائرنگ ۾ بدنام ڏوھاري 10 لک انعام يافته ڌاڙيل ڏاڏو سبزوئي سندس ڏوھاري ڀائٽيو پنھل عرف پنهون سبزوئي مارجي ويا جڏهن ته ٻه ڏوھاري پڻ زخمي ٿيڻ جا اطلاع آهن انھي حوالي سان رابطو ڪرڻ تي ايس ايس پي امجد شيخ ٻڌايو ته پوليس ڪچي ۾ موجود آهي.

پوليس جي سامھون ڏوھارين ڳوٺاڻن کان ڦر ڪئي جنھن دوران پوليس مٿان به فائرنگ ڪئي پوليس مقابلي دوران انعام يافته ڌاڙيل الاھي بخش عرف ڏاڏو سبزوئي ۽ سندس ساٿي ڏوھاري شاهه ڏنو عرف پنھون سبزوئي مارجي ويا آهن. وڌيڪ نفري موڪلي وئي آهي. ڪچي ۾ آپريشن جو سلسلو جاري آھي جڏهن ته قتل ٿي ويل ٻنهي ڌاڙيلن جا لاش پوليس کڻائي سول اسپتال آندا جتي لاشن جو پوسٽ مارٽم ڪيو ويو. واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو آھي.