سنڌ ۾ 27 مريض ڪورونا سبب فوت، انگ 2962 ٿي ويو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس سبب 27 مريض فوت ٿيا ۽ فوت ٿيندڙ جو انگ وڌي 2962 ٿي ويو آهي. جڏهن ته 9752 ٽيسٽ ڪرڻ سان 1292 نوان ڪيس سامهون آيا. اڱاري ڏينهن وزيراعليٰ هائوس مان جاري ڪيل هڪ بيان ۾ هن چيو ته نومبر کان پهرين ڊسمبر 2020 تائين ڪورونا وائرس جي ٻئي لهر دوران سڀ کان وڌيڪ هڪ ڏينهن اندر 27 مريض فوت ٿي ويا آهن هن وڌيڪ چيو الله تعاليٰ اسان جي ماڻهن تي رحم ڪري. هن وڌيڪ چيو ته هيستائين 1994516 ٽيسٽ ڪيا ويا آهن جن مان 175642 ڪيسن ظاهر ٿي چڪا آهن انهن مان 87 سيڪڙو يعني 153642 مريض صحتياب ٿيا جن ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران 1043 مريض پڻ شامل آهن. وڏي وزير چيو ته هن وقت 19038 مريض علاج هيٺ آهن انهن مان 18218 گهرن ۾، 12 آئسوليشن سينٽرن ۽ 808 مختلف اسپتالن ۾ آهن. هن وڌيڪ چيو ته 716 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي وئي آهي جن ۾ 72 مريضن کي وينٽيليٽرز تي منتقل ڪيو ويو آهي. مراد علي شاهه چيو ته 1292 نون ڪيسن مان ڪراچي اندر 989 ڪيس ظاهر ٿيا جن ۾ ضلع اوڀر 340، ضلع ڏکڻ 243، ضلع مرڪز 213، ضلع ملير 104، ضلع ڪورنگي 63 ۽ ضلع اولهه 26 شامل آهن. هن وڌيڪ چيو ته حيدرآباد 76، ميرپورخاص 36، ڄامشورو 31، مٽياري 21، بدين 18، شهيد بينظير آباد 14، گهوٽڪي ۽ ٺٽو 11-11، سکر 9، ٽنڊو الهيار 5، جيڪب آباد 6، لاڙڪاڻو ۽ عمرڪوٽ 3-3، شڪارپور 2، دادو، خيرپور، سانگهڙ ۽ سجاول 1-1 ڪيس پڌرا ٿيا.  وڏي وزير عوام کي خبردار ڪندي چيو آهي ته ايس او پيز تي سختي سان عمل ڪيو وڃي، گهرن ۾ وڌيڪ وقت گذاريو، ٻاهر نڪرندي وقت ماسڪ ضرور پهريو، وقفي وقفي سان هٿ ڌوئيندا رهو  ۽ هٿ ملائڻ کان پاسو ڪيو نه ته ٻي صورت ۾ وائرس جي هي ٻي لهر خطرناڪ ثابت ٿي سگهي ٿي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو