ٽنڊو محمد خان انتظاميه جي نا اهلي منشيات جو وڪرو عام

ٽنڊومحمد خان(ن سنڌ يار ) ٽنڊو محمد خان انتظاميه جي بي ڌياني جي ڪري تباهي جي ڪناري تي بيٺل آهي ڪيترن ئي علائقن ۾ صحت لاءِ ھاڃيڪار ڪچو شراب، شيشو، مين پڙي ۽ ھيروئن جو وڪرو عام آھي جنھن ۾ شھر جا ڪيترائي علائقا  ٽنڊو غلام حيدر، نظرپور، مويا ستر موري شھر جي اسٽيشن لڳ شامل آھن، جڏھن ته ھن موذي مرض جي واپرائڻ سبب ڪيتريون ئي قيمتي جانيون ضايع ٿي چڪيون آھن ان جي باوجود به ضلعي جي ڪنھن به لاڳاپيل عملدار نوٽيس نه ورتو آھي. ٻئي طرف شھر جي سياسي، سماجي، ادبي ۽ سينيئر ڊاڪٽرن پنھنجا ويچار ونڊيندي چيو ته  پورو شھر منشيات جي ور چڙھيل آھي، ھن وقت شھر جي نوجوانن ۾ شيشو ۽ ھيئرون جو استعمال گھڻو ٿي رھيو آھي ۽ ڪيتريون جانيون پڻ ضايع ٿيون آھن جنھن ۾ ڳڀرو نوجوان شامل آھن ۽ مين پڙي جي کائڻ سان ڪينسر جھڙي موضي مرض به ڪيتريون انساني جانيون ضايع ڪيون آھن ۽ اڃا به ڪيترائي گھرن ۾ لا علاج بڻجي زندگي گذاري رھيا آھن.ھنن چيو ته نوجوانن کي نشو نه ملڻ سان شھر اندر امن امان جي صورتحال تمام گھڻي خراب ٿيندي پئي وڃي.هنن چيو ته اسان آءِ جي سنڌ, ڊي آءِ جي حيدرآباد ۽ ايس ايس پي ٽنڊو محمد خان کي اپيل ٿاڪريون ته ضلعي ٽنڊو محمد خان مان منشيات جو خاتمو ڪرائي ھتان جي نوجوانن جون زندگيون بچائي کين سک جو ساھ کڻڻ ڏنو وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو