اوهانجو عقل بوٽن ۾ آهي، سياست ڪيئن ڪري سگهندا،مينگل

ملتان (ويب ديسڪ) بلوچستان جي اڳوڻي وڏي وزير سردار اختر مينگل چيو ته 70 سالن کان اسانجي مائرن ڀينرن جي عزت محفوظ ناهي. هن چيو ته مونکان پڇندا آهن ته اوهانجو لهجو سخت ڇو آهي، منهنجو ڀاءَ 40 سال اڳ قتل ڪيو ويو اڄ تائين لاش ناهي مليو، اسانجي نوجوانن، عورتن کي اغوا ڪري قتل ڪيو ٿو وڃي ۽ پڇن ٿا ته لهجو سخت ڇو آهي. هن چيو ته انهن قوتن کي لغام ڏيڻو پوندو جيئن ڪو ٻيو عمران قوم تي مسلط نه ٿئي. هن چيو ته اوهان وٽ بندوقون آهن، اوهان جو ڪم سرحدن جو دفاع ڪرڻ آهي، سياست ڪرڻ ناهي، سياست ڪرڻي آهي ته وردي لاهي اچو. وردي اسنکي ڏيو اسين وطن جو دفاع ڪنداسين، اوهانجو ڪم ناهي، سياست لاءِ عقل گهرجي جيڪو اوهان وٽ ناهي. اوهانجي عقل اوهانجي بوٽن ۾ آهي ان سان سياست نه ٿي سگهندي. محمود خان اچڪزئي چيو ته پاڪستان ۾ عوامي انقلاب اچڻ وارو آهي، ٻڌي برقرار رکو، لاهور جي جلسي تائين سڄي ملڪ ۾ احتجاج جاري رکو.

پهنجو تبصرو موڪليو