افغانستان ۾ آپگهاتي حملو ٽيويهه مارجي ويا سورنهن زخمي

ڪابل (ويب ڊيسڪ) افغانستان جي شهر غزني ۾ آپگهاتي حملي جي نتيجي ۾ 23 ڄڻا مارجي ويا ۽ 16 زخمي.افغان شهر غزني ۾ آپگهاتي ڌماڪي جي نتيجي ۾ 23 ڄڻا مارجي ويا ۽ 16 زخمي ٿي پيا آهن. واقعي کان پوءِ سيڪيورٽي فورسز علائقي کي ڪڙو چاڙهي ڇڏيو. افغان ميڊيا موجب آپگهاتي حملي ۾ زاهل صوبي جي ڪائونسل سربراهه جي قافلي کي نشانو بنايو ويو. طالبان سميت ڪنهن به گروپ طرفان حملي جي ذميواري قبول نه ڪئي آهي جڏهن ته پوليس پاران جاچ جو عمل جاري آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو